تعليم 2

تعليم (رسالو ):هي ماهوار رسالو ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي سهاري هيٺ 1902ع کان نڪرڻ لڳو. تعليم بابت قابل استادن ۽ ماهرن جا تعليمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، تاريخي ۽ سماجي مضمون هن رسالي ۾ ايندا رهيا. هي رسالو مختلف پريس مان ڇپجندو رهيو. شروع ۾ قيصريه پريس حيدرآباد، اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، مسلم ادبي پريس حيدرآباد ۽ فردوس پرنٽنگ پريس حيدرآباد وغيره ۾ ڇپجندو رهيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو